ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ


اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ لاڪ ڊائون دوران ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت رمضان المبارڪ جي مهيني دوران مذهبي سرگرمين لاءِ ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪميٽيون جوڙڻ جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ مذهبي اسڪالرز، ڪميونٽي اڳواڻ ۽ سياسي اڳواڻ انهن ڪميٽين جو حصو هوندا.

مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2

متعلقہ مضامین