تبليغي جماعت جي ميمبرن جي تعاون جا ٿورائتا آهيون: اسد قيصر


APP39-08 ISLAMABAD: April 08 - Speaker National Assembly Asad Qaiser in a meeting with Federal Minister and Shia Ulema and Scholars at Parliament House. APP

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪرونا وائرس عالمي چئلينج آهي، تبليغي جماعت جي ميمبرن جي تعاون جا ٿورائتا آهيون، ٻاهرئين ملڪن مان تبليغي جماعت جي ماڻهن ۽ زائرين جي واپسي جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، عوام کي اپيل آهي ته حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪري ڇو ته وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ هر مڪتبه فڪر جو تعاون اهميت وارو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ هو مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري ۽ مملڪتي وزير شهريار آفريدي سان گڏ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.

متعلقہ مضامین