اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ملڪ کي قائد جو پاڪستان بڻائيندي جتي مسلڪ، مذهب، لسانيت، علائقايت جي ??نيادي تي فرق نه هجي، اسان سڀ هڪ عقيدو ۽ ايمان رکندڙ پاڪستاني آهيون، خيبرپختونخوا جي پي ٽي آءِ جي ??ڪومت طرفان هڪ مدرسي کي 30 ڪروڙ روپيا ڏيڻ جي مخالفت تي عمران خان منهنجي ??لاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي. هو پنجاب هائوس ۾ شعيه علماءُ ڪ??ئونسل آزاد ڪشمير طرفان 21 جولاءِ تي چونڊن ۾ م??لم ليگ (ن) جي ??مايت جي ??علان جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو خاص مددگار ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي، شيعه علماءُ ڪ??ئونسل پاڪستان جو اڳواڻ علامه زاهد نقوي، حافظ ڪفايت نقوي، مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ پير علي رضا بخاري، ڊپٽي ميئر اسلام آباد ميٽرو پوليٽن رفعت جاويد، ذيشان نقوي، ارشد غازي ۽ ٻيا به موجود هئا.
مسلم ليگ (ن) ملڪ کي قائد جو پاڪستان بڻائيندي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات