روم -14 جون (اي پي پي ) ترقي يافته معيشتن تي ٻڌل گروپ جي سيون روسي فوج سان ??ڙهڻ ?? مدد لاءِ يوڪرين کي 50 ارب ڊالرن جي وڏي رقم فراهم ڪرڻ جي مقصد سان ??نجمند روسي اثاثا استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بي بي سي موجب اٽلي جي ڏاکڻي شهر پگليا ۾ جي سيون سربراهي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته اهو قدم روس لاءِ هڪ يادگيري آهي ته ??سا?? روس کان جنگ کٽڻ تائين يوڪرين جي حمايت کان ??وئتي نه هٽي رهيا آهيون ۽ نه ئي روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ??سا?? کي ڌار ڪري سگهي ٿو. رپورٽ موجب اها رقم هلندڙ سال جي آخر تائين به يوڪرين کي ملڻ جي اميد ناهي پر ان کي يوڪرين جي جنگي ڪوششن ۽ معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ هڪ ڊگهي مدي واري حل طور ڏٺو پيو وڃي. اٽلي ۾ جي سيون سربراهي اجلاس جي موقعي تي يوڪري جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن يوڪرين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ 10 سالن جي سيڪيورٽي معاهدي تي صحيحون به ڪيون . 2022 ۾ روس جو يوڪرين تي حملي کان ??وءِ يورپي يونين سان سهڪار سان جي سيون طرفان روس جي تقريبن 325 ب??ين ڊالر جي اثاثن کي منجمند ڪيو ويو هو . روس جي مرڪزي بينڪ جي مجنمند اثاثن مان ??ڌيڪ اثاثا بيلجيئم ۾ رکيا ويا آهن، انهن اثاثن تي ساليانو اٽڪل ٽي ب??ين ڊالر وياج حاصل ٿي رهيو آهي . جي سيون جي منصوبي موجب اهي ٽي ب??ين ڊالر يوڪرين جي لاءِ 50 ب??ين ڊالر جي قرض تي ساليانو وياج جي ادائيگي لاءِ استعمال ڪيا ويندا پر عالمي قانون تحت ملڪ روس مان انهن اثاثن کي ضبط ڪري يوڪرين کي نٿا ڏئي سگهن. يوڪريني صدر پنهنجي آمريڪي ۽ ٻين اتحادين جي حمايت جو شڪريو ادا ڪيو .
جي سيون پاران يوڪرين کي 50 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ لاءِ منجمد روسي اثاثا استعمال ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی