اسلام آباد -10 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي ما??ياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جاري ما??ي سال دوران سڄي دنيا ۾ اقتصادي اوسر جي شرح 2.9 سيڪڙو تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اها ڳالهه آءِ ايم ايف طرفان جاري 2023ع جي اقتصادي منظرنامي جي عنوان سان هڪ رپورٽ ۾ ڪئي آهي. رپورٽ مطابق 2022ع ?? عالمي اقتصادي اوسر جي شرح 3.5، 2023ع ۾ 3 سيڪڙو ?? 2024ع ۾ 2.9 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. اسريل معيشت?? ۾ ??الي سال 2024ع دوران اقتصادي اوسر جي شرح 1.4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. گذريل سال ڄاڻايل معيشتن ۾ اقتصادي اوسر جي شرح 1.5 سيڪڙو ۽ 2022ع ۾ 2.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. اڀرندڙ ۽ اسريل معيشتن ۾ جاري ما??ي سال دوران اقتصادي اوسر جي شرح 4 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل معيشتن ۾ گذريل ما??ي سال دوران اقتصادي اوسر جي شرح 4 سيڪڙو ۽ 2022ع ۾ 4.1 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. آءِ ايم ايف جي ايم ڊي چيو ته معاشي طور تي ڪمزور ملڪن ۽ معيشتن کي ترقي جي سمر ما?? لاڀ کڻڻ لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهن. آءِ ايم ايف موجب ما??ي سال 2024ع ۾ آمريڪا جي اوسر جي شرح 1.5 سيڪڙو، جرمني 0.9 سيڪڙو، فرانس 1.3 سيڪڙو، اٽلي 0.7 سيڪڙو، اسپين 1.7 سيڪڙو، ڪينيڊا 1.6 سيڪڙو، چين 4.2 سيڪڙو، ڀارت 6.3 سيڪڙو، روس 1.1 سيڪڙو، برازيل 1.5 سيڪڙو، مراڪش 6.3 سيڪڙو، سعودي عرب 4 سيڪڙو، نائيجيريا 3.1 سيڪڙو ۽ ڏکڻ آفريقا جي اقتصادي اوسر جي شرح 1.8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ مطابق جاري ما??ي سال ?? عالمي سطح تي ناڻي واڌ جي شرح 4.8 سيڪڙو سراسري طور رهندي جيڪا 2022ع ۾ 9.2 سيڪڙو ۽ 2023ع ۾ 5.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
آءِ ايم ايف طرفان هلندڙ سال دوران سڄي دنيا ۾ اقتصادي اوسر جي شرح 2.9 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات