وزيراعظم سان نامزد چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جي ملاقات


APP53-241122 ISLAMABAD: November 24 – Chief of the Army Staff (Designate) Gen. Syed Asim Munir calls on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif. APP/TZD

اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان نامزد چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي عهدي تي مقرري تي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي مبارڪباد ڏني. جنرل ساحر شمشاد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته توهان جي پيشيواراڻي قابليت سان هٿياربند فوج ۽ پاڪستان کي فائدو ٿيندو. وزيراعظم نامزد چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان جي ذميوارين ۾ سرخرو ٿيڻ جي دعا ڪئي. جنرل ساحر شمشاد مرزا وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.

متعلقہ مضامین