نئون بلدياتي نظام هڪ انقلابي قدم آهي: وزيراعظم


APP58-06 ISLAMABAD: May 06 – Prime Minister Imran Khan addressing the press conference on Local Government Reforms at PM Office. APP

اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي بهترين اسلوب حڪمراني جي فراهمي کي حڪومت جو اولين فرض قرار ڏيندي چيو آهي ته پنجاب ۾ اختيارن جي هيٺئين سطح تي منتقلي، وسيلن جي هڪ جهڙي ورڇ ۽ هر علائقي کي ترقي جي بنا ڪنهن فرق جي موقعن جي فراهمي وارو نئون بلدياتي نظام هڪ انقلابي قدم آهي، نئين بلدياتي نظام سان فنڊن جي فراهمي، فيصلاسازي ۽ سهولتن جي دستيابي مقامي سطح تي ممڪن ٿيندي، فرسوده نظام مان فائدو کڻندڙ مفاد پرست عنصر نظام جي تبديلي جي خلاف مزاحمت ڪندا آهن پر انهن کي شڪست ڏئي ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حقيقي طور تي اختيار هيٺئين سطح تي منتقل ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان سان گڏ وزيراعظم آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.

متعلقہ مضامین