پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبن سان خطي ۾ اقتصادي ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا: وزيراعظم


APP26-240521 ISLAMABAD: May 24 - Chinese Ambassador to Pakistan, Nong Rong calls on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبن سان دنيا ۽ خطي ۾ اقتصادي ترقي جا شاندار موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن سي پيڪ، پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه، ويڪسين جي فراهمي ۾ تعاون، اعليٰ سطحي دورن سميت پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو

متعلقہ مضامین