گڏيل قومون-12 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جنرل اسيمبلي جي نئين صدر ۽ ڪيمرون جي اڳوڻي وزيراعظم فليمون يانگ سان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي ۽ جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ کيس پاڪستان جي تع??ون جي خاطري ڪرائي. پاڪستاني مشن طرفان جاري پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني نمائندي فليمون يانگ ک?? گ??يل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موجوده سيشن جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون. منير اڪرم گذريل ڏينهن ملاقات دوران دنيا کي درپيش ڪيترن ئي سنگين بحرانن جي وچ ۾ پائيدار اقتصادي ترقي، امن ۽ سلامتي ۽ انساني و??ار تي صدر يو اين جي اي جي ڌيان جي آجيان ڪئي. هن پاڪستان طرفان اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل قومن سندس دانشمنداڻي قيادت ۾ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. جنرل اسيمبلي جي صدر نيڪ خواهشن تي پاڪستاني نمائندي جو ٿورو مڃيو. هن ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته هو گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سان ملاقات، يو اين جي اي جي آئنده ٿيندڙ 79 هين اجلاس جي ايجنڊا ۽ ان جي ڪم تي حمايت جي واکا?? ڪري ٿو.
پاڪستاني نمائندي منير اڪرم جي جنرل اسيمبلي جي نئين صدر سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس