ٽوڪيو – 11 جنوري (اي پي پي) جاپان جي ڀيٽ اوڪيناوا ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏي جي م??صو??ي تحت منتقلي واري هنڌ ڀرائي ذريعي زمين جي بنياد کي مضبوط بڻائڻ جو ??م شروع ڪيو ويو آهي. اين ايچ ڪي مطابق جاپان آمريڪي ميرين ڪورفوتينما ايئر اسٽيشن کي منتقل ڪرڻ لاءِ ناگو شهر جي هينوڪو ويجهو سمنڊ ۾ ڀرائي ذريعي زمين حاصل ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، ان کان اڳ اوڪيناوا جي حڪومت منتقلي جي ان م??صو??ي جي مخالفت ڪئي هئي ۽ اوارا نار جي زمين هيٺ نرم تهه کي مضبوط بڻائڻ لاءِ منظوري ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. گذريل مهيني هڪ عدالت مرڪزي حڪومت جي حق ۾ فيصلو ٻڌايو هو جنهن ۾ لاڳاپيل وزارت کي صوبي جي اعتراضن کي رد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي جنهن کانپوءِ اڏاوتي ??م شروع ڪيو ويو. چيف ڪابينا سيڪريٽري هاياشي يوشي ماسا چيو آهي ته ان م??صو??ي جي شروعات ٿي وئي آگي. اهو نو سال ۽ ٽن مهينن ۾مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. هن توقع ظاهر ڪئي ته اڏاوتي م??صو??ي تي مرڪز ۽ اوڪيناوا جي حڪومتن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه مناسب طريقي سان جاري رهندي. اوڪيناوا جي مخالفت باوجود م??صو??ي تان پوئتي نه هٽڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت جي خيال ۾ آمريڪي اڏي کي هينوڪو منتقل ڪرڻ ئي واحد حل آهي ته جيئن فوتينما بيس هي واپسي کي ممڪن بڻائي سگهجي ۽ علائقي کي امڪاني خطري کان بچائي سگهجي.
جاپان، اوڪيناوا ۾ آمريڪي اڏي جي منتقلي تي ڪم شروع
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج