جنيوا-27 اپريل (اي پي پي)صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) ڀارت ۾ تيار ڪيل کنگهه جي هڪ ٻئي شربت جي باري ۾ الرٽ جاري ڪيو آهي،شربت جي هڪ کيپ مارشل آءِ لينڊز ۽ مائيڪرو ??نيزيا ۾ ملي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب ڊبليو ايڇ او پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته صحت لاءِ نقصان??ار شربت جي هڪ کيپ مارشل آءِ لينڊز ۽ مائيڪرو ??نيزيا مان هٿ آئي آهي، شربت جي نمونن جي تجزئي کان پوءِ معلوم ٿيو آهي ته شربت ۾ خطرناڪ حد تائين ڊائٿيلينگلائيڪول ۽ ايٿلين گلائيڪول نالي عنصر موجود آهن، اهي ٻئي زهريلا ڪيميڪل انسان جي موت جو سبب بڻج?? سگهن ٿا، جڏهن ته هن وقت تائين ان شربت جي استعمال سان ڪنهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع نه مليا آهن.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل