پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪرغزستان روانو


اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪرغزستان روانو ٿي ويو. شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ ٿي رهيو آهي. رواني ٿيڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کي خطاب کانسواءِ هو تنظيم جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان سائيڊ لائين ملاقاتون پڻ ڪندو.

متعلقہ مضامین