اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، اسان کي ا??غانستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، دنيا جي گڏيل ڪوششن سان ئي اسان افغانستان ۾ استحڪا?? آڻي سگهون ٿ??، جيڪو دنيا جي ا??ن ۽ افغانستان ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. اها ڳالهه هن ڪيوبا جي نيوز ايجنسي پرسينال??ٽي??ا سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ نائن اليون، نيويارڪ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيندڙ بدترين واقعي جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، افغانستان جي ڪهاڻي 20 سال پراڻي نه آهي پر اها 40 سال پراڻي آهي، 1979ع ۾ جڏهن يو ايس ايس آر ڪابل تي حملي جو فيصلو ڪيو ته هن خطي ۾ هڪ تڪرار جنم ورتو، 1988ع ۾ جنگ ختم ٿي ته اولهه کي ا??غانستان جي مدد ڪرڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو ۽ پاڪستان کي ا?? سڄي معاملي ۾ اڪيلو ڇڏيو ويو. هن چيو ته پنهنجي ڪمزور معيشت جي باوجود اسان اٽڪل 5 ملين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي جڏهن ته پاڪستان جي مدد ڪرڻ بدران پريسلر ترميم ذريعي پاڪستان تي معاشي پابنديون هنيون ويون، ان دور ۾ اسان افغانستان جي هر ممڪن مدد ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته رڳو پاڪستان، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات افغانستان جي مدد ڪئي پر بدقسمتي سان دنيا افغانستان جي ماڻهن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو جيڪو تباهي جو سبب بڻيو ۽ افغانستان دهشتگرد تنظيمن جو ڳڙهه بڻجي ويو. هن چيو ته نائن اليون واقعي کانپوءِ آمريڪا افغانستان ۾ فوجي آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان دنيا سان گڏ بيٺل رهيو، اها جنگ هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان جي ماڻهن جي لاءِ تباهي جو سبب بڻي. هن چيو ته 2007ع، 2015ع ۽ 2019ع ۾ اسان بار بار چيو ته افغانستان ۾ فوجي حل بدران سياسي حل طرف وڃڻ گهرجي، بدقستمي سان پاڪستان کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ان جو آواز نه ٻڌو ويو ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر مشورو آهي ته افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، سڄي دنيا جي ا??تهاپسند تنظيمن کي ا??غانستان ۾ پناهه وٺڻ جي اجازت نه هجي، ان جي لاءِ اسان کي ا??غانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي ا??غانستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، افغانستان ۾ بهادر مردن ۽ عورتن ڊگهي عرصي تائين قربانيون ڏنيون هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دنيا کي ا??سانيت سان گڏ بيهڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان جي موجوده صورتحال افغانستان ۾ استحڪام جو هڪ موقعو آهي، اسان ڪابل ۾ ڦاٿل پرڏيهي شهرين کي ڪابل مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، پي آءِ اي سوين ماڻهن کي ا??خلا ۾ مدد فراهم ڪئي، اسان انٽرنيشنل ميڊيا کي نه رڳو ڪابل مان ڪڍيو پر افغانستان ۾ ڪوريج جي لاءِ سفر جي سهولت پڻ ڏني، اسان جي پاليسي آهي ته اسان افغانستان ۾ اٿارٽيز سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿ??، اسان افغانستان جي ماڻهن کي اڪيلو نه ٿا ڇڏڻ چاهيون. هن چيو ته دنيا جي گڏيل ڪوششن سان اسان افغانستان ۾ استحڪا?? آڻي سگهون ٿ??، جيڪو دنيا جي ا??ن ۽ افغانستان ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي لاءِ انتهائي ضروري آهي.
افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، اسان کي افغانستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : quina acumulada