اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منظور ??يل هائوسنگ سوسائٽين ۽ غير منظور ??يل سوسائٽين جو سمورو ڊيٽا لاڳاپيل ڊولپمينٽ اٿارٽيز جي ويب سائيٽس تي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ صوبائي سطح تي سينٽرل ڊيٽا بئنڪ جوڙيو وڃي ته جيئن هي انهن منصوبن جي سمورا تفصيل هر پاڪستاني ۽ خاص طور تي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ميسر هجن. هن اهڙن ??يا??ن جو اظهار هتي هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ تعميراتي سرگرمين جي فروغ ۽ صوبائي حڪومتن پاران منظورين جي عمل ۾ تيزي جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري وزيراعظم کي ٻڌايو ته هن وقت تائين 87.03 ملين مربع فوٽ تي تعميرات جي حوالي سان درخواستون ملي چڪيون آهن. ان ۾ لاهور 38 سيڪڙو، ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن 22 سيڪڙو، راولپنڊي 18 سيڪڙو، فيصل آباد 11 سيڪڙو، ملتان 10 سيڪڙو شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 29 ڊسمبر تائين 62.33 ملين مربع فوٽ تعيمرات جو?? درخواستون مليون هيون، هن وقت اهو تعداد 87.03 ملين مربع فوٽ تائين پهچي ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي جي سمورن ضلعن ۾ تعيمراتي سرگرميون واقع ٿي رهيون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين 41.07 ملين مربع فوٽ تعميرات جو?? درخواستون منظور ڪيون ويون آهن. 29 ڊسمبر تائين ڏنل منظورين جو رقبو 30 ملين مربع فوٽ هو، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته تعميراتي منصوبن جي حوالي سان هن وقت تائين پورٽل تي ڪل 17692 درخواستون مليون آهن جنهن مان 11349 منظور ??ي چڪيون آهن، هن ٻڌايو ته منظور ??يندڙ ۽ منظوري جي عمل ۾ منصوبن ۾ سيڙپڪاري جو ڪل ڪاٿو 353.43 ار?? روپيا آهي، ان 353.43 ار?? روپين جي سيڙپڪاري مان 1767.15 ار?? جو?? معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون ۽ 315678 نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی