ميڊيا ۽ اطلاعات واري وزارت ۾ معاملا طئي ٿي چڪا آهن: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ


اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ميڊيا ۽ اطلاعات واري وزارت جي وچ ۾ ڳالهين کانپوءِ معاملا گهڻي حد تائين طئي ٿي چڪا آهن، هڪ طريقيڪار طئي ٿي چڪو آهي، جڏهن ميڊيا مالڪن کي رهتون ڏينداسين ته پهرين صحافين جي رهتن جي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي، ڪوشش آهي ته ميڊيا مالڪن طرفان عيد کان پهرين صحافين جي رهتن جي ادائيگي يقيني ٿي وڃي. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪري رهي هئي.

متعلقہ مضامین