اسلام آباد – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزير??عظ?? شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزير??عظ?? آفيس ۾ ٿيو. وزير??عظ?? ڪابينا کي پنهنجي آمريڪا جي دوري بابت آگاهه ڪيو جتي هن ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار، ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي خلاف ور??ين، ڀارت جي جارحاڻي رويي، افغانستان ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ميانمار ۾ روهنگيا مسلمانن جي خراب حالت سميت اهم معاملن تي پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو. وزير??عظ?? گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي ٻطرفين ملاقاتن خاص طور تي آمريڪا جي نائب صدر، ايران ۽ ترڪيءَ جي صدرن، س??يلنڪا جي وزير??عظ??، عالمي بئنڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر، ورلڊ اڪنامڪ فورم جي ايگزيڪيوٽو چيئرمين، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ اردن جي شاهه سان پنهنجي ملاقاتن بابت ٻڌايو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام