ڍاڪا -08 آگسٽ (اي پي پي ) بنگلاديش جي نوبل انعام يافته معاشي ماهر ۽ بينڪر ڊاڪٽر محمد يونس عبوري حڪومت جي سربراهه طور حلف کڻڻ لاءِ پيرس کان وطن واپس روانو ٿي ويو. انڊيا ٽو ڊي جي رپورٽ موجب 84 سالن جو محمد يونس علاج لاءِ فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ موجود هيو. بنگلاديش جي ف??ج ??رفان جاري ڪيل ??يان ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر محمد يونس جي سربراهيءَ ۾ عبوري حڪومت حلف کڻندي. وطن واپسي جي روانگي کان اڳ پيرس جي چارلز ڊي گال هوائي اڏي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر محمد يونس چ??و ته بنگلاديش جي صورتحال کان آگاهه آهيان ۽ وطن واپس روانو ٿي رهيو آهيان. هن چ??و ته ملڪ کي موجوده صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. رپورٽ موجب بنگلاديش ۾ عوامي احتجاج جي نتيجي ۾ اقتدار ڇڏي ڀارت ويل ??ڳوڻي وزيراعظم حسينه واجد ۽ ڀارتي حڪومت ۾ موجود سندس خير خواهه ڪنهن يورپي ملڪ ۾ سياسي پناهه جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
بنگلاديش جي صورتحال کان آگاهه آهيان: ڊاڪٽر محمد يونس
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا