شهباز شريف عوامي نه پر سازشي ماڻهو آهي، خبر نه آهي هو عوامي مهم تي ڇو نڪري ويو آهي، اميد آهي جلد واپس اچي ويندو: چوڌري فواد حسين


APP46-021121ISLAMABAD: November 02 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhary Fawad Hussain briefing the media persons about the decisions taken in the Federal Cabinet meeting during a press conference at Media Centre PTV HQ. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف عوامي نه پر سازشي ماڻهو آهي، خبر نه آهي هو عوامي مهم تي ڇو نڪري ويو آهي، اميد آهي جلد واپس اچي ويندو، ڊيره غازي خان جلسي ۾ شهباز شريف کي جهڙي طرح جو ريسپانس مليو کيس انهي رات واپس اچڻ گهرجي ها پر هو نه آيو، بلاول ڀٽو مهانگائي جي خلاف جلوس ڪڍي ته چيف منسٽر هائوس سنڌ جي سامهون ڪڍي ته جيئن کيس خبر پوي ته سنڌ ۾ مهانگائي جو اصل ذميوار ڪير آهي، سنڌ حڪومت کي پنهنجي انتظامي معاملن تي ٻيهر نظر وجهڻ جي ضرورت آهي، هن وقت سنڌ حڪومت جي ڪري پوري ڪراچي ۽ سنڌ جا سمورا علائقا مشڪل صورتحال ۾ ورتل آهن، پنجاب ۽ سنڌ ۾ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ واضح فرق آهي، سنڌ ۾ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون پنجاب جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن، ڪابينا جي اجلاس ۾ ضرورت جي شين جي قيمتن جو خطي جي ٻين ملڪن سان تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو، خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ملڪ ۾ ضرورت جي شين جي قيمت گهٽ آهي، پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت بنگلاديش ۽ ڀارت جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، علائقائي ملڪن ۾ غربت جي شرح پاڪستان کان وڌيڪ آهي، مخالف ڌر کي دعوت ڏيون ٿا ته اهي اچن اسان سان گڏ ويهن، نيب سڌارن، اليڪٽورل ريفارمز تي پنهنجون ترميمون سامهون آڻين، چونڊ سڌارن کانسواءِ صاف شفاف چونڊون ممڪن نه آهن، موجوده حڪومت چونڊ سڌارن جي حوالي سان پرعزم آهي، هائوسنگ سوسائٽيز ٺاهڻ جي لاءِ ماڻهن کان زمين وٺڻ جو وفاقي حڪومت جو اختيار ختم ڪيو ويو آهي، رهائشي پلاٽس جي منصفاڻي ورڇ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي ويندي، وفاقي حڪومت پاران پراپرٽي مئنيجمينٽ جي لاءِ نئين اٿارٽي قائم ڪئي پئي وڃي، نجي ادارن کي گهرجي ته مشڪل وقت ۾ پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪن، وزيراعظم عمران خان سڀاڻي قوم کي خطاب ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز متعارف ڪرائڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو اختيار ڏيڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ اتحادي پارٽين پاڪستان مسلم ليگ (ق) ۽ متحده قومي موومينٽ جي ميمبرن سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ انهن کي چونڊ سڌارن 7 اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو ويو. هن ٻڌايو ته اتحادي پارٽين جي آڏو 49 نقطن تي ٻڌل ريفارمز جو آئيڊيا پيش ڪيو ويو، ان تي انهن کي وڌيڪ بريفنگ پڻ ڏني ويندي، اتحادي پارٽين يقين ڏياريو آهي ته اهي ان ايجنڊا ۾ وزيراعظم سان گڏ آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيستائين اليڪشن جو نظام شفاف نه ٿو ٿئي، ان وقت تائين اليڪشن تي اعتراض ختم نه ٿا ٿي سگهن، پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي جي لاءِ اليڪشن تي اعتراضن جو خاتمو انتهائي ضروري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار ضرورت جي شين جي قيمتن جو تقابلي جائزو پيش ڪيو جنهن موجب مجموعي طور تي هفتيوار مهانگائي جي شرح 1.23 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي آئي. نان فوڊ آئٽمز بشمول پيٽرول ۽ درآمدي شين ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، 22 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. هن ٻڌايو ته ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته خطي ۾ گيهه ۽ چانهه جي پتيءَ جي قيمتن کانسواءِ ٻين سمورين گهريلو استعمال جي شين جون قيمتون پاڪستان ۾ گهٽ آهن، انهن شين ۾ اٽو، چڻا، دال ماش، دال مڱ، ٽماٽا، بصر، چڪن ۽ پيٽرول شامل آهن. هن چيو ته اٽو، کنڊ، دال مڱ ۽ چڻن جي دال جي قيمت سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، ڪابينا سنڌ ۾ ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي سخت ڳڻتي جو ا ظهار ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ضرورت جي شين جو تقابلي جائزو ريجن جي ٻين ملڪن ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ قيمتن سان ڪيو ويو آهي، ايندڙ هفتي کان سريلنڪا کي به ان تقابلي جائزي ۾ شامل ڪيو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۾ ضرورت جي بنيادي شين جون قيمتون خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن، جن ملڪن ۾ تيل پيدا نه ٿو ٿئي انهن ملڪن جي مقابلي ۾ سڀ کان سستو تيل پاڪستان ۾ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي اٽي جي في ڪلو قيمت 60.09 رپيا، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ 83 رپيا جڏهن ته افغانستان ۾ 73.50 رپيا آهي. چڻن جي دال جي پاڪستان ۾ قيمت 146.77 رپيا، ڀارت ۾ 166 رپيا ۽ بنگلاديش ۾ 224 رپيا آهي. اهڙي طريقي سان دال ماش جي پاڪستان ۾ في ڪلو قيمت 245.84 رپيا، ڀارت ۾ 244 رپيا ۽ بنگلاديش ۾ 334 رپيا جڏهن ته افغانستان ۾ 214 رپيا آهي. پاڪستان ۾ بصر جي في ڪلو قيمت 47.14 رپيا، ڀارت ۾ 95 رپيا ۽ بنگلاديش ۾ 121 رپيا آهي. پاڪستان ۾ چڪن جي في ڪلو قيمت 254.92 رپيا، ڀارت ۾ 438 رپيا 7 بنگلاديش ۾ 324 رپيا آهي. پيٽرول هن وقت پاڪستان ۾ 138.73 رپيا ليٽر، ڀارت ۾ 258 رپيا ليٽر ۽ بنگلاديش ۾ 180 رپيا ليٽر آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته هي اهي ملڪ آهن جتي ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ موجب غربت جي شرح اسان کان وڌيڪ آهي ۽ قيمتون به اتي اسان کان وڌيڪ آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ به ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ وڏو فرق آهي، ڪڻڪ جي اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي راولپنڊي ۾ قيمت 1100 رپيا آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ 1470 رپيا آهي. اهڙي طرح پنجاب ۾ کنڊ 90 رپيا في ڪلو، ڪراچي ۾ 120 رپيا، پنجاب ۾ دال مڱ 148 رپيا في ڪلو، ڪراچي ۾ 196 رپيا في ڪلو، پنجاب ۾ چڻن جي في ڪلو قيمت 153 رپيا في ڪلو ۽ ڪراچي ۾ 164 رپيا آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۾ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ اضافي کي ڪنٽرول ڪرڻ سنڌ حڪومت جو ڪم آهي جيڪو انهن کان نه ٿي رهيو آهي. اڳ ۾ سنڌ ڪڻڪ ريليز ڪرڻ ۾ دير ڪئي جنهن جي ڪري اسان جو پورو ايس پي آئي متاثر ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بلاول ڀٽو جڏهن مهانگائي جي خلاف جلوس ڪڍي ته هو وزيراعليٰ هائوس آڏو ڪڍي ته جيئن کيس خبر پوي ته سنڌ ۾ مهانگائي جو اصل ذميوار ڪير آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي پنهنجي انتظامي معاملن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن وقت ڪراچي سميت سنڌ جا سمورا علائقا مشڪل صورتحال ۾ ورتل آهن، سنڌ حڪومت کي انتظامي نوعيت ۽ هيت ۾ اضافو ڪرڻ جي ضرورت آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته واپار واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت ڪابينا کي خالي جاين جي حوالي سان بريفنگ ڏني. واپار واري وزارت آگاهه ڪيو ته هن وقت وزارت جي انتظام هيٺ ادارن ۾ خالي جاين کي يا ته ختم ڪيو پيو وڃي يا انهن ادارن کي ضم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ۾ هن وقت 6 ذيلي ادارن جي سربراهن جون جايون خالي آهن جن تي مقررين جو عمل جاري آهي. هن چيو ته تجويز ڪيل پي ايم ڊي اي تحت اسان ڪجهه ادارا ختم ڪرڻ چاهيا پئي جيڪا هاڻي دير جو شڪار ٿي وئي اهي ان لاءِ اسان انهن جاين تي مقرري جي لاءِ پراسيس شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا هائوسنگ واري وزارت جي درخواست تي رولز آف بزنس 1973ع ۾ ترميم جي منظوري ڏني. ان ترميم کانپوءِ پرڏيهي وزارت ۽ دفاع واري وزارت پنهنجي استعمال هيٺ عمارتن جي پاڻ سارسنڀال ڪندا جڏهن ته ڪو به تعميراتي منصوبو شروع ڪرڻک ان اڳ هائوسنگ واري وزارت کان اين او سي وٺڻي پوندي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جو لين ايڪوزيشن جو اختيار ختم ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي طرح وزيراعظم پئڪيج تحت ڪيترن ئي ماڻهن ٻه ٻه پلاٽس ورتا، اڳوڻن دورن ۾ اربين رپيا وزيراعظم پنهنجي صوابديدي فنڊز مان ڏنا، وزيراعظم عمران خان اڄ تائين هڪ رپيو به صوابديدي فنڊ مان ناهي ڏنو ۽ نه ئي خرچ ڪيو آهي، اهڙي طرح وزيراعظم وزيراعظم پئڪيج به ختم ڪري ڇڏيو آهي تنهن ڪري هاڻي ڪنهن به شخص کي وزيراعظم پئڪيج تحت پلاٽ نه ملي سگهندو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا هڪ ٻيو اهم فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت وفاقي حڪومت جا ملازم ئي فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ سوسائٽي جي پروگرام جو حصو بڻجي سگهندا. ان حوالي سان وزيراعظم ۽ ڪابينا جي صوابديد ختم ڪئي وئي آهي جنهن تحت اهي مختلف ماڻهن کي پلاٽس ورهائيندا هئا. هن چيو ته ان ڏس ۾ هڪ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي جيڪا اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، فنانس ۽ هائوسنگ واري وزارت تي ٻڌل هوندي، اها ڪميٽي هڪ پاليسي جوڙيندي جهڙي طرح دفاع واري وزارت جي اندر آفيسر رٽائر ٿين ٿا ۽ انهن کي هڪ نظام ذريعي پلاٽس ملن ٿا، اهڙي طرح پلاٽس جي الاٽمينٽس جا معاملا اها ڪميٽي ڏسندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا ونٽيج ڪارن جي درآمد تي ڊيوٽي معطل ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا برگيڊيئر (رٽائرڊ) شجاع حسن خوارزي جي بطور چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پاڪستان اسٽيل ملز مقرري جي وڌيڪ هڪ سال جي لاءِ منظوري ڏني. هن چيو ته وفاقي ڪابينا وفاقي ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽس ايڪٽ 2021ع تحت شيخ زيد ميڊيڪل ۽ پمز جي بورڊ آف گورنرز ۾ مقررين جي منظوري ڏني. شيخ زيد ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ لاهور جي بورڊ ميمبرن ۾ پروفيسر ساجد مقبول، ڊاڪٽر راشد نعيم صديقي، سيد نويد امجد اندرابي، شرمين احمد خان، عمر عمر ورڪ ۽ نياز اي ملڪ شامل آهن. اهڙي طرح پمز بورڊ جي ميمبرن ۾ ثمينه رضوان ۽ فرحانه عظيم کي شامل ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته پورهيت طبقي جي تحفظ لاءِ ڪابينا انٽرنيشنل ليبر ڪانفرنس پاران 41 تجويز ڪيل سفارشون پارليامينٽ آڏو قانونسازي جي لاءِ پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. وفاقي ڪابينا پيٽروليم ڊويزن جي انتظام هيٺ 13 ڪمپنين جي بورڊ تي Ex – Officio ڊائريڪٽر نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا محمد سلمان ملڪ جي بطور چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سينٽرل پاور جنريشن ڪمپني لميٽيڊ مقرري ۽ تنوير احمد جعفري کي لاکڙا پاور جنريشن ڪمپني لميٽيڊ جي سي اي او جو اضافي چارج ڏيڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي مقرري لاءِ ٻيهر اشتهاري جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا ليفٽيننٽ جنرل (ر) انجنيئر جاويد محمود بخاري، ريڪٽر نسٽ ۽ انجنيئر ريحان عبدالباقي، وائيس چانسلر انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي کي سال 24 – 2021ع جي مدي لاءِ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي بطور ميمبر نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا محمد اظفر احسن کي سي اي او سيڙپڪاري بورڊ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا ڊاڪٽر عنايت حسين کي بطور ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ پاڪستان مقرر ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 28 آڪٽوبر 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ڪڻڪ جي امدادي قيمت تي تفصيلي بحث ٿيو، مختلف صوبن جي مختلف راءِ آهي، ان تي هڪ ڪميٽي جوڙي وئي هئي، ان ڪميٽي ۾ خسرو بختيار، شاهه محمود قريشي ۽ حماد اظهر کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت ۾ اضافو ڪريون ٿا ته اٽي جي قيمت ۾ پڻ اضافو ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته ڪابينا قانون بابت ڪميٽي جي 28 آڪٽوبر 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا رولز آف بزنس 1973ع ۾ ترميم جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ فيڊرل گورنمينٽ پراپرٽيز مئنيجمينٽ اٿارٽي (ايف جي پي ايم اي) ناڻي واري وزارت جي انتظام هيٺ اچي ويندي. ڪابينا فيڊرل گورنمينٽ پراپرٽيز مئنيجمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏني، اها اٿارٽي وفاقي حڪومت جي ملڪيتي زمينن جي انتظام جي ذميوار هوندي. هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ غريب خاندانن جي ڪفالت، معاشرتي ڀلائي ۽ غربت جي خاتمي جي سمورن پروگرامز کي قانوني تحفظ ڏيڻ ۽ قانوني ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڪابينا احساس آرڊيننس 2021ع جي منظوري ڏني. ڪابينا پاڪستان نرسنگ ڪائونسل جي انتظامي معاملن ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ پاڪستان نرسنگ ڪائونسل ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم آڻڻ جي لاءِ آرڊيننس جي منظوري ڏني. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي حد مقرر ڪري ڇڏي آهي، نجي شعبي ۾ وڌيڪ مداخلت نه ٿا ڪرڻ چاهيون. هن چيو ته ڪاروبار دوست ماحول جوڙڻ اسان جي ترجيح آهي. نجي شعبي جيڪڏهن منافعو ڪمايو آهي ته ان کي پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هن وقت سڀ کان وڌيڪ منافعي ۾ ميڊيا جو شعبو آهي، ميڊيا ادارن کي پنهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي، اهڙي طرح اسپتالن به رڪارڊ منافعو ڪمايو آهي، اسپتالن جي عملي جون پگهارون به وڌڻ گهرجن. حڪومت پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ اڳ ۾ ئي اضافو ڪري ڇڏيو آهي، نجي شعبي کي به ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال تي هن چيو ته صدر کي اختيار حاصل آهي ته هو نيب چيئرمين جي مقرري ڪري سگهي يا ان کي هٽائي سگهي. هو وزيراعظم جي ايڊوائيس جي ماتحت نه آهي، پاڪستان جي آئين ۾ صدر کي اختيار حاصل آهن. هن ٻڌايو ته جڏهن اسان اڳوڻي نيب چيئرمين جي خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ وياسين ته سپريم ڪورٽ چيو ته اها آئيني نامزدگي نه آهي، سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي انهن ريمارڪس کي نظر ۾ رکندي اهو اختيار ڪنهن کي ته ڏيڻو آهي جيڪو صدر کي ڏنو ويو آهي، اهو جوڊيشل اختيار آهي جيڪو هو پنهنجي صوابديد تي استعمال ڪري سگهندو. هن چيو ته نيب جي اختيارن کي فريم ورڪ ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، ان بابت پارليامينٽ ۽ ميڊيا جو پن مطالبو هو، مخالف ڌر کي به دعوت ڏيون ٿا ته اها نيب سڌارن ۽ اليڪٽورل ريفارمز جي حوالي سان ترميمن تي اسان سان گڏ ويهي ۽ پنهنجون ترميمون سامهون آڻي. هن چيو ته وزيراعظم پهرين ڏينهن کان چوندو آيو آهي ته نيب کي وڏن ڪيسز تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، هر ڪيس نيب وٽ ويندو ته اهڙي طرح هو پنهنجي ساک وڃائي سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڊيره غازي خان ۾ شهباز شريف جي جلسي ۾ جهڙي طرح جو ريسپانس مليو، ان کانپوءِ کيس انهي رات واپس اچڻ گهرجي ها پر هو نه آيو. هن چيو ته شهباز شريف عوامي نه پر سازشي ماڻهو آهي، خبر نه آهي هو عوامي مهم تي ڇو نڪري ويو آهي، اميد آهي جلد واپس اچي ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر چونڊ سڌارن تي اسان سان گڏ ويهه، پنهنجون ترميمون سامهون آڻي، اسان قانون منظور ڪرائڻ وڃي رهيا آهيون، ان ۾ وڌيڪ دير نه ٿا ڪري سگهون، قانون جي منظوري کانپوءِ به اسان مخالف ڌر سان ڳالهين جو سلسلو جاري رکنداسين.

مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ

متعلقہ مضامین