صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ڏينهن جي دوري تي دبئي پهچي ويو


APP20-091021 DUBAI: October 09 - President Dr. Arif Alvi being welcomed by UAE's Minister of Justice, Abdullah Bin Sultan Bin Awad Al Nuaimi at Al Maktoum International Airport. APP

اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ڏينهن جي دوري تي دبئي پهچي ويو. گڏيل عرب امارات جي انصاف واري وزير عبدالله بن سلطان بن عواد النعيمي ۽ پاڪستاني سفير افضال محمود ايئرپورٽ تي صدر جو استقبال ڪيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب امارات جي اعليٰ قيادت سان به ملاقات ڪندو ۽ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستاني پويلين جو پڻ دورو ڪندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دبئي ۾ روشن پنهنجو گهر پروگرام جي رونمائي واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي يو اي اي جي دوري جي موقعي تي صدر دبئي ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ مختلف ڪمپنين جي سي اي اوز سان پڻ ملاقات ڪندو. ان دوري جو مقصد پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي.

مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر

متعلقہ مضامین