چشما – 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف توانائي جي کوٽ، دهشتگردي جي لعنت سميت ملڪ کي درپيش سمورن چ??لينجن کي موثر طور تي منهن ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو اسان جي ترجيحن ۾ پهرين نمبر تي آ??ي. هن اها ڳالهه 340 ميگاواٽ جي چشم?? ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته اسان جڏهن اقتد??ر ۾ آياسين ته معيشت جي خراب حالت هئي، توانائي جي کوٽ هئي، 18، 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي ۽ ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهيل هو. هن چيو ته اسان قوم کي مسئلن مان ڪڍڻ جي عزم جو ا ظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ عملي قدم کنيا. وزيراعظم چيو ته قوم کي لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ اسان جنهن سفر جي شروعات ڪئي هئي الله جو شڪر آهي ان سلسلي ۾ اڄ هڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪيو آهي. چشم?? ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جي مڪمل ٿيڻ ۽ ان منصوبي سان 340 ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ٿيڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو اسان جي ترجيحن ۾ پهرين نمبر تي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن