غزه -24 سيپٽمبر (اي پي پي) غزه ۾ گذريل سال آڪٽوبر کان شروع ٿيل اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ 13 سيپٽمبر تائين 41455 فلسطيني شهيد، هزارين زخمي، لکين بي گهر ٿي چڪا آهن، هڪ لک 70 هزار عمارتون ??باهه ٿي ويون، اسرائيلي حملن ۾ غزه جي 60 سيڪڙو مسجدن، 90 سيڪڙو اسڪولن ۽ وڏي تعداد ۾ اسپتالن کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ زرعي ايراضي ۽ روڊن کي تباهه ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا پاران جاري رپورٽ مطابق جنگ شروع ٿيڻ کان پهرين 365 ڪلوميٽر ڊگهي غزه پٽي ۾ 24 لک ماڻهو رهائش پذير هئا جنهن ڪري غزه ڌرتيءَ سڀ کان وڌيڪ ڳتيل آبادي وارن هنڌن مان هڪ هئي. جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ 13 سيپٽمبر 2024ع تائين غزه پٽي جون ??ٽڪل 59 سيڪڙو عمارتون ??باهه ٿي چڪيون ??هن. آمريڪي محققن ڪوري شير ۽ جيمن وان ڊين هوڪ جي تجزيه ڪيل سيٽلائيٽ تصويرن مطابق اهي اٽڪل 169000 عمارتن برابر آهن. غزه ۾ صحت واري ??زارت جي فراهم ڪيل انگن اکرن مطابق 7 آڪٽوبر کان غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 41455 فلسطيني شهيد ٿيا جن ۾ وڌيڪ عام شهري آهن جيڪي مارجي ويا آهن. انهن انگن اکرن کي ??ڏي?? قومن تسليم ڪيو آهي. جنگ کان پهرين اتر غزه جنهن ۾ اٽڪل 6 لک فلسطيني رهيل هئا، جو تقريبن ٽيون ??صو عمارتون ??ه تباهه ٿي چڪيون ??هن. مصر جي سرحد لڳ غزه کان ڏکڻ شهر رفح جو اٽڪل اڌ حصو تباهه ٿي ويو آهي. انساني حقن جي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل چيو آهي، ته اسرائيل سان غزه جي سرحدي علائقي جي 58 چورس ڪلوميٽر سان واقع 90 سيڪڙو عمارتون مئي 2024ع تائين مڪمل طور تباهه ٿي چڪيون هيون ۽ انهن کي شيد نقصان پهتو هو. جنگ دوران اسرائيل غزه جي اسپتالن تي ڪيترائي حملا ڪيا. اسرائيلي فوج غزه ج سڀ کان وڏي اسپتال الشفا تي ٻه ڀيرا بمباري ڪئي، پهريون ڀيرو ان اسپتال تي نومبر ۾ ۽ ٻيو ڀيرو مارچ ۾ بمباري ڪئي وئي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن مطابق ٻئي اسرائيلي حملي اسپتال کي انساني لاشن سان ڀري ڇڏيو. صحت واري عالمي اداري ??طابق آگسٽ تائين غزه جي 36 اسپتالن مان صرف 16 يعني 44 سيڪڙو جزوي طور ڪم ڪري رهيون هيون. ??ڏي?? قومن جي سيٽلائيٽ سينٽر ۽ جاگرافيائي ڊيٽا بيس اوپن اسٽريٽ ميپ جي ڊيٽا مان به خبر پوي ٿي ته غزه جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ مسجدن کي نقصان پهچايو ويو. اسرائيلي حملن غزه جي اٽڪل 85 سيڪڙو اسڪولن کي به نقصان پهچايو. 6 جولاءِ تائين غزه ۾ ??ڏي?? قومن جي اداري ??ونيسيف جي انتظام هيٺ هلندڙ 477 اسڪولن کي به نقصان پهچايو ويو. جيڪي هن وقت 564 سهولتن جي انگ کان اٽڪل 85 سيڪڙو هئا، انهن مان 133 کي سخت نقصان پهتو آهي ۽ ٻيا 344 سڌي ريت متاثر ٿيا آهن. سيپٽمبر ۾ هنگامي حالتن ۾ تعليم لاءِ ??ڏي?? قومن جي عالمي فنڊ، ايجوڪيشن جي ناٽ ويٽ چيو آهي، ته غزه جي اٽڪل 90 سيڪڙو اسڪولن جون ??مارتون ??باهه ٿي چڪيون ??هن. ??ڏي?? قومن جي 27 آگسٽ جي سيٽلائيٽ تصويرن مطابق اسرائيلي حملن ۾ غزه جي 68 سيڪڙو يعني 102 چورس ڪلوميٽر زرعي ايراضي به تباهه ٿي چڪي آهي. جنهن ۾ اتر غزه جي 78 سيڪڙو زرعي زمين ۽ رفح جي 57 سيڪڙو زمين شامل آهي. ان کان علاوه غزه ۾ روڊن جي نيٽ ورڪ جو 58 سيڪڙو حصو تباهه ٿي چڪو آهي. 18 آگسٽ تائين انگن اکرن مطابق يو اين او سيٽ جي شروعاتي تجزئي مطابق اٽڪل 1190 ڪلوميٽر روڊ تباهه ٿي چڪا آهن. 415 ڪلوميٽر تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن ۽ 1440 ڪلوميٽر کي معمولي نقصان پهتو آهي. ??ڏي?? قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش هلندڙ مهيني جي شروع ۾ جاري بيان ۾ غزه ۾ اسرائيلي حملن سبب ٿيل تباهي کي ناقابل تصور قرار ڏنو هو. هن چيو ته پنهنجي عهدي جي مقرري ??اري عرصي کان پوءِ هن غزه ۾ مصيبتن جي سطح، فوتگين ۽ تباهي دنيا ۾ ڪٿي ناهي ڏٺي.
غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائين ۾ 41 هزار فلسطيني شهيد، لکين بي گهر، مسجدن، اسڪولن ۽ اسپتالن سميت هڪ لک 70 هزار عمارتون، زرعي ايراضي ۽ روڊ تباهه ٿي چڪا آهن: رپورٽ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج