انقره -03 جولائي (اي پي پي ) سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان انقره ۾ ترڪيه ج?? صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . اردو نيوز موجب انقره ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ سعودي ولي عهد ترڪيه ج?? صدر کي سعودي ق??ادت جو پيغام پ??چايو ۽ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي خواهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي ناتن کي هٿي ڏيڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن علاقائي ۽ عالمي صورتحال بابت ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سعودي دفاع واري وزير جي آفيس جو ڊائريڪٽر جنرل هشام بن عبدالعزيز بن سيف ، ترڪيه جي دفاع واري وزير ياسر گلر، چيئر مين آف ڊيفينس انڊسٽريل اٿارٽي ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هيا. سعودي دفاع واري وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته سعودي ق??ادت جي هدايت تي ترڪيه ج?? صدر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي ق??ادت جو پيغام ترڪيه ج?? صدر تائين پهچائڻ تي خوشي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ٻه طرفن ناتن جو جائزو ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ جي طريقن ۽ تازي علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي ڳالهه ??ولهه ڪئي.
سعودي دفاع واري وزير پاران ترڪيه جي صدر سان ملاقات، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania