دبئي -17 اپريل (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي رياست دبئي م برساتن ??بب ڪيترن ئي سرڪاري ۽ تعليمي ادارن ۾ (ڪالهه) 17 اپريل تي پڻ سموريون سرگرميون آن لائين سرانجام ڏنيون ويون. اماراتي وزيرن واري ڪائونسل جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي، ته سمورن سرڪاري ادارن جي ملازمن گهرن مان ڊيوٽي انجام ڏنيون، موسمي حالتن ??بب آفيسن کي بند رکيو ويندو. دبئي ۾ شديد برساتن ??بب ايئرپورٽ تي اڏامن جي اچ وڃ پڻ متاثر رهي، گذريل ڏينهن 24 اڏامون ملتوي ڪيون ويون. سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل ويڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته دبئي ايئرپورٽ جو رن وي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، طوفاني برساتن کان پوءِ دبئي ايئرپورٽ کي 25 منٽن لاءِ بند ڪرڻو پيو جنهن ??بب ڪيتريون ئي اڏامون ملتوي ٿي ويون. ايئرپورٽ ??ٿا??ٽي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موسمي حالتن ??بب ايئرپورٽ جي رستن ۾ ٻوڏ واري صورتحال جي نتيجي ۾ اڏامن جي اچ وڃ متاثر رهي. مسافرن کي گهرجي ته اهي پنهنجي اڏام جي حوالي سان معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي ايئرپورٽ اچن. موسميات کاتي دبئي جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
دبئي ايئرپورٽ جو رن وي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، ڪيتريون ئي اڏامون متاثر، آفيسون بند
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی