خرطوم -10 آڪٽوبر (اي پي پي) سوڊان ايران سان 7 سالن بعد ڪٽيل سفارتي ناتا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق سوڊان جي پرڏيهي وزارت ??نه??جي بيان ۾ چيو آهي، ت?? هو ايران سان ناتا بحال ڪري رهيا آهن. وزارت چيو آهي، ت?? ناتا بحال ڪرڻ جو فيصلو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي اعليٰ سطحي اجلاسن بعد ڪيو ??يو آهي. ناتن جي بحالي سان ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ايران طرفان ان حوالي سان اڃا تائين ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ??يو. جڏهن ته ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جولاءِ ۾ چيو ??و ته باڪو ۾ وقتي سوڊان جي پرڏيهي وزير علي الصادق سان سندس ملاقات بعد ٻئي ملڪ ناتا بحال ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙو اعلان ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٿيل ملاقات جي 3 مهينن بعد سامهون آيو آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز