تل ابيب – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) ڏکڻ اس??ائيل ۾ حماس جي حملي جو نشانو بڻيل ميوزڪ فيسٽول واري هنڌ تان هن وقت تائين مبينا طور تي 250 کان وڌيڪ لاش مليا آهن. برطانوي نشرياتي اداري اس??ائيلي ريسڪيو ايجنسي زڪا جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته نگيو جي ريگستاني علائقي ۾ سپرنووا نالي ان ميوزڪ فيسٽول جون تياريون ڪيترن ئي هفتن کان جاري هيون ۽ اهو اسڪوٽ نالي يهودي ته??ار جي موقعي تي منعقد ٿيڻو هو. پارٽي ۾ شريڪ هڪ عورت اس??ائيلي ميڊيا کي ٻڌايو ته صبح جو سائرن وڃ?? جي آواز سان گڏ ئي راڪيٽ هلڻ ۽ پوءِ فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. ان کانپوءِ گاڏين ۾ س??ار فوجي ورديون پاتل هٿياربند پارٽي واري هنڌ داخل ٿي ويا. پارٽي ۾ شرڪت ڪندڙ ان موقعي تي جان بچائڻ لاءِ پنهنجن گاڏين ڏانهن ڀڳا پر تمام گهڻي فائرنگ جي نتيجي ۾ جان بچائ?? جي ڪوشش ۾ ڪيترائي ماڻهو ڪري زخمي ٿيندا رهيا. عورت ٻڌايو ته هن جهاڙين ۾ لڪي پنهنجي جان بچائي. پارٽي ۾ شريڪ هڪ ٻئي شخص ٻڌايو ته هن جي ??ند??زي مطابق حملي وقت پارٽي ۾ شريڪ ماڻهن جو انگ 3 هزار هو.
ڏکڻ اسرائيل ۾ حماس جي حملي جو نشانو بڻيل ميوزڪ پارٽي واري هنڌ تان مليل لاشن جو انگ 250 ٿي ويو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت