واشنگٽن -26 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي گادي وا??ي شهر واشنگٽن ۾ ڪيوبا جي سفارتخاني تي ٿيل حملي جي مذمت ڪئي آ??ي. ??ن حملي ۾ هڪ شخص مبينه طور تي ڪيوبا جي سفارتخاني تي حملو ڪيو هو جنهن ۾ ڪو به شخص فوت يا زخمي نه ٿيو هو ۽ نه ئي وري ڪو ٻيو نقصان ٿيو هو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان صحافين کي ٻڌايو ته سفارتي ٺڪاڻن خلاف سمورا حملا ۽ ڌمڪيون ق??ول ڪرڻ جوڳيون ناهن. ترجمان چيو ته اسان ڪيوبا جي سفارتخاني جي اختيارين سان رابطي ۾ آهيون ۽ ويانا ڪنوينشن تحت پنهنجي ذميوارين مطابق سفارتي سهولتن ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ سفارتڪارن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهيون. پرڏيهي کاتي تحقيقات ۾ واشنگٽن پوليس سان سهڪار ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II