ٽورانٽو-22 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊ?? چيو آهي ته سندس وٽ ڀارت جي ??ک اڳواڻ پرديپ سنگهه جي قتل ۾ ملوث هجڻ جي مصدقه معلومات موجود آهي، عرب نيوز موجب نيويارڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم جسٽن ٽروڊ?? چيو ته اسان وٽ اهو سمجهڻ جي مصدقه سبب موجود آهن ته ڀارتي حڪومت جي ايجنٽس ڪينڊين سرزمين تي ڪينڊين شهري جي قتل ۾ ملوث آهن، هن چيو ته ڪينيڊين پارليامينٽ ۾ پهريون ڀيرو هن ڀارت جي حو??لي سان بيان انتهائي سنجيدگي سان ڏنو هو، هن چيو ته ڪنهن به ملڪ طرفان ڪنهن ٻي ملڪ جي سرزمين تي ان جي شه??ي کي قتل ڪرڻ ناقابل قبول آهي ۽ ان حو??يل سان اسان قانون جي حڪمراني لاءِ بيهڻ جي اصول جي پاسداري جو مظاهرو ڪنداسين، هن چيو ته اسان ڀارت کي چوڻ چاهينداسين ته هو ان معاملي کي سنجيدگي سان وٺي ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي. آئون ڪينيڊا جي شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکندس.
هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي پڪي معلومات موجود آهي: جسٽن ٽروڊو
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ