گڏيل قومون – 23 فيبر??ري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل مبصر رياض منصور والاريل اولهندي ڪناري جي شهر ??اب??س ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪندي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فلسطيني عوام کي اسرائيلي ظلمن خلاف تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪ??. سعودي خابرو اداري موجب هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، عالمي برادري ۽ سيڪريٽري جنرل کان مطالبو ڪيو ته هو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ تي عملدرآمد ڪندي فلسطيني شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ا??ا ڪ??. گڏيل قومن ۾ فلسطيني مشن ايندڙ ڏينهن ۾ هنگامي اجلاس منعقد ڪرڻ لاءِ سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن سان ڳالهيون ڪندو. فلسطين ۾ گذريل ڏينهن اولهندي ڪناري جي شهر ??اب??س تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ 10 ماڻهو شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي سيڪريٽري حسين الشيخ ??اب??س ۾ اسرائيلي حملي کي قتل عام قرار ڏيندي عالمي برادري کان ف??ري مداخلت جو مطالبو ڪيو آهي.
سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري فلسطيني عوام کي اسرائيلي ظلمن خلاف تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري: فلسطيني مبصر رياض منصور
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔