نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ 9 مئي کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو


APP12-13 ISLAMABAD: May 13 - Federal Minister For Planning, Development And Special Initiatives, Asad Umar chairing a meeting of NCOC to review the preventive measures to stop the spread of COVID-19. APP

اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ 9 مئي کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس ٿيو، صوبائي چيف سيڪريٽرين پنهنجي صوبن ۽ علائقن ۾ ڪورونا وائرس (ڪوويڊ 19) جي خاتمي جي گائيڊ لائينز تي عملدرآمد جي حوالي سان فورم کي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، وفاقي وزير اسد عمر صوبن کي هدايت ڪئي ته ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي عوام جي صحت ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جيئن وبا جو وڌيڪ ڦهلاءُ روڪي سگهجي، انفرادي ذميواري ئي گڏيل صحت، تحفظ ۽ ڪوويڊ 19 کان بچاءُ جو واحد ذريعو آهي. اين سي او سي موجب اجلاس جي صدارت منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ڪئي.

مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ

متعلقہ مضامین