هڪ طرف ڪورونا وائرس کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ ٻئي طرف ڪرپشن سان وڙهي رهيا آهيون: شبلي فراز/ شهزاد اڪبر


APP20-16 ISLAMABAD: May 16 – Federal Minister for Information and Broadcasting Senator Shibli Faraz and SAPM on Accountability Shehzad Akbar jointly addressing a press conference at PID Media Centre. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته هڪ طرف ڪورونا وائرس کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ ٻئي طرف ڪرپشن سان وڙهي رهيا آهيون، ڇا ڪرپشن جي خلاف جنگ کي اڳتي وڌائڻ نااهلي آهي؟ ڇا غريب عوام جو خيال رکڻ ۽ انهن کي رليف ڏيڻ نااهلي آهي؟ ڪنهن کي اين آر او نه ملندو، شهباز شريف لنڊن ڀڄي وڃڻ بدران عدالت کي ۽ عوام کي پنهنجي ڪرپشن تي جواب ڏي، ڪڪس بيڪس جا 16 ڪروڙ شهباز شريف جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيڻ جي پوري ٽريل موجود آهي، شهباز شريف جي خلاف نيب ريفرنس حتمي مرحلن ۾ آهي، ان ڪيس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری

متعلقہ مضامین