اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير خواجه محمد آصف چيو آهي ته قوم ۽ قومي ادارا آمريڪي صدر طرفان پاڪست??ن تي لاڳايل الزامن کي رد ڪن ٿا ۽ ان طرز عمل جي خلاف متحد آهيون ۽ پوري قوم ان جي سامهون بيٺل آهي، قومي اسيمبلي ۾ آمريڪي صدر جي بيان ۽ آمريڪا جي افغان پاليسي جي حوالي سان بحث سهيڙيندي خواجه آصف چيو ته 1979ع کانپوءِ افغانستان سان لاڳاپا ٽن حصن ?? ورهايل آهن، پهريون حصو اسان جيڪو جهاد ڪيو، ٻيو حصو 90ع جي ڏهاڪي ۾ روسي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ اسان پنهنجي مرضي جي حڪومت قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهياسين جيڪا نه آئي.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل