ڍاڪا -19 آگسٽ (اي پي پي) بنگلاديش جي ??ڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد، روڊ، ٽرانسپورٽ ۽ پُلن جي ??ڳوڻي وزير عبيد القادر، اڳوڻي اسيمبلي ميمبر شميم عثمان، اڳوڻي گهرو وزير اسد الزمان خان سميت 62 ڄڻن خلاف نارائن گنج جي ??لائقي سڌير گنج ۾ مڇي جي واپاري جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو ??هي. ڍاڪا ٽريبيون جي ??پورٽ مطابق هي ڪيس مقتول محمد ملون ??ي گهر واري شهناز بيگم طرفان آچر رات دير سان سڌير گنج ٿاڻي ۾ داخل ڪرايو ويو ??نهن کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم خل??ف داخل ڪرايل ڪيسن جو انگ هڪ درجن تائين پهچي ويو ??هي. ڪيس ۾ ٻين نامزد جوابدارن ۾ اڳوڻي اسيمبلي ميمبر شميم عثمان جو پٽ آيون عثمان، ان جو ڀائيٽيو ??زميري عثمان ۽ نارائن گنج ميٽرو پوليٽن عوامي ليگ جو آرگنائيزنگ سيڪريٽري شاهه نظام شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر