واشنگٽن -19 ما??چ (اي پي پي) آمريڪا جي صدر جوبائيڊن سينيٽ پيٽرڪ ڊي ملهائڻ لاءِ وائيٽ هائوس ۾ ڪينيڊي خاندان جي 30 کان وڌيڪ ماڻهن جي دعوت ڪئي، جڏهن ته هن رابرٽ ايف ڪينيڊي جونيئر کي دعوت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. رابرٽ ٽئين ڌر طور آمريڪي صدارتي اليڪشن وڙهڻ جو ??واهشمند آهي. بائيڊن ايڪس تي لکيو ته اوهان سڀني جو وائيٽ هائوس اچڻ سٺو لڳو. واضح رهي ته سينٽ پيٽرڪ آئرلينڊ جو مذهبي سرپرست آهي، ان جي نالي تي هي دعوت هر سال 17 ما??چ تي آئرلينڊ ۽ آمريڪا ۾ ملهائي ويندي آهي. رابرٽ ڪينيڊي هڪ سرگرم ڪارڪن ۽ وڪيل آهي، ڊيمو ڪريٽس خدشن جو ??ظهار ڪيو ته سندس نامزدگي سان نومبر ۾ بائيڊن جا ووٽ گهٽبا ۽ ان سان ٽرمپ کي ڪامياب ٿيڻ ۾ مدد ملندي. اميد آهي ته ڪينيڊي 26 ما??چ تي پنهنجي نائب صدارتي اميدوار جو ??علان ڪندو.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت