گڏيل قومون-30 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن ??يو آهي ته غزه جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ناڪافي آهي. چيني خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس سلامتي ڪائونسل جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ??يو ته آئون قرارداد 2712 جي منظوري جي آجيان ڪريان ٿو جنهن ۾ سڄي غزه ۾ انساني بنيادن تي فوري ۽ توسيع ٿيل راهدارين جو مطالبو ڪيو ويو آهي، پر بدقسمتي سان ان قرارداد تي عملدرآمد ناڪافي آهي. هن ??يو ته هو ان قرارداد جي ڪاميابي کي تڏهن تسليم ڪندو جڏهن غزه جي ماڻهن جون زندگيون محفوظ ٿي وڃن، ماڻهن جو وقار بحال ٿي وڃي ۽ ماڻهن لاءِ امداد جي فراهمي يقيني ٿي وڃي، هن ??يو ته هن وقت غزه جا ماڻهو پوري دنيا جي سامهون هڪ وڏي انساني تباهي جي ور چڙهيل آهن، هن ??يو ته اسان کي پوئتي نه ڏسڻ گهرجي. هن ??يو ته اسان عارضي جنگ بندي ۾ توسيع جي ڪوششن جي آجيان ڪريون ٿا.هن ??يو ته گڏيل قومون ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي غزه ۾ حقيقي انساني بنيادن تي جنگ بندي جي ضرورت آهي. هن ??يو ته اسرائيل کي ??لس??ين سان گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانون جي بنياد تي ٻه رياستي حل جي قيام طرف پرعزم ۽ ناقابل واپسي طريقي سان اڳتي وڌڻ گهرجي. هن خبردار ڪيو ته ڳالهين ۾ ناڪامي ??لس??ين، اسرائيل سميت پوري دنيا کي تمام وڏي تباهي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو جنهن کي سنڀالڻ ناممڪن ٿي ويندو.
غزه جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي قراردان تي عملدرآمد ناڪافي آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia