خرطوم-23 نومبر(اي پي پي) سوڊان جي خودمختياري ڪائونسل جي صدر عبدالفتاح البرهان 4 وز??رن ۽ 6 رياستي گورنرن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. سعودي خابرو اداري العربيه موجب ڪائونسل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ان فيصلي ۾ گهرو وز??ر خالد محي الدين، ان??اف واري وز??ر محمد الحلو، صنعت واري وز??ر بتول عوض ۽ مذ??بي معاملن واري وز??ر عبدالعاطي عباس کي برطرف ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به چئني وز??رن جي برطرفي جو سبب ناهي ٻڌايو ويو. عبدالفتاح البرهان برطرف ڪيل وز??رن جي جاءِ تي خليل امر قل کي گهرو وز??ر، معاويه خير کي ان??اف وارو وز??ر، محاسن يعقوب خان کي صنعت وارو وز??ر ۽ اسامه احمد کي مذ??بي معاملن ۽ اوقاف جو وز??ر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. صدر عبدالفتاح البرهان 6 رياستن الجزيره، ڪسلا، اتر رياست، اولهه ڪرد فان، سينٽرل دار فور ۽ ڏکڻ دار فور جي گورنرن کي به برطرف ڪري ڇڏيو آهي، اهو قدم ان وقت سامهون آيو جڏهن گڏيل قومن جي ان??اني معاملن ۽ هنگامي امداد جي بابت انڊر سيڪريٽري، مارٽن گريفٿس تازي بيان ۾ چيو ته سوڊان ۾ 7 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان جاري تڪرار جو خاتمو نظر نه اچي رهيو آهي، هن دار فور ۾ شهرين جي نقصانن کي خوفناڪ قرار ڏنو ۽ نشاندهي ڪئي ته خرطوم ۾ هاڻي به ان??اني امداد جي پهچ نه ٿي رهي آهي، هن جو چوڻ هو ته جنگ ختم ۽ سمورين ڌرين کي جده ڳالهين ۾ ڪيل واعدن جو احترام ڪرڻ گهرجي، يا د رهي ته سوڊاني فوج ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز وچ ۾ اپريل کان جنگ جار ي آهي.
سوڊان: خودمختياري ڪائونسل جي صدر عبدالفتاح البرهان 4 وزيرن ۽ 6 رياستي گورنرن کي برطرف ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار