اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ش??هد خاقان عباسي سان اردن جي هٿياربند فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ليفٽينن?? جنرل محمود اي فراحت ڪالهه خميس ڏينهن هتي اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ اردن علائقائي ۽ عالمي م??املن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا. ٻنهي ملڪن جا ترقي پسند موقف سان گڏ دنيا جي امن ۽ استحڪام سان گڏيل مفاد لاڳاپيل آهن. هن چيو ته پاڪستان اردن سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، وزيراعظم ش??هد خاقان عباسي ليفٽينن?? جنرل محمود اي فراحت ??ي پاڪستان اچڻ جي آجيان ڪندي شاهه عبدالله (ٻي) جي لاءِ ني?? خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سندس دانشمنداڻي قيادت ۾ اردن جي عوام مختلف شعبن ۾ شاندار ترقي ڪئي آهي. ان موقعي تي ليفٽينن?? جنرل محمود اي فراحت والهاڻي استقبال تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ اردن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ دفاع وارو وزير انجنيئر خرم دستگير خان، اردن جو سفير نواف خليفه ۽ سينئر سرڪاري عملدار به موجود هئا.
وزيراعظم سان اردن جي هٿياربند فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ليفٽيننٽ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن