اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان مراڪش سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا رابطا گڏيل عقيدي، تاريخي تجربن ۽ ثقافتي روايتن تي ٻڌل آهن. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ مراڪش جي سفير مصطفيٰ صلاح الدين سان ڳالهائيندي چ??ي جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. اسلام آباد ۾ سفارتي مدي دو??ان پاڪ مراڪش ٻه طرفي لاڳاپن جي فروغ ۾ عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيندي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل مفاد جي مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ س??دس قابل قدر ڪوششون مستقبل ۾ جاري رهنديون.
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک