رياض- 07 (ا?? پي پي ) سعودي عرب جي مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي ۾ ديني شعبي جي معاملن جي ??ربراهه شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمان السديس حرمين شريفين جي ??مامن کي هدايت ڪئي آهي ته گرمي جي موسم جي ڪري حرمين ۾ حج جي مند دوران جمعي جي ??طب?? ۽ نماز کي مختصر ڪيو وڃي. العربيه موجب شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمان السديس آئمه حرمين کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته حرمين شريفين ۾ حج سيزن جي ڪري لکين اسلام جا پانڌيئڙا موجود آهن جن کي جمعي نماز لاءِ حرمين جي ??ڱڻ ۽ ڇت تي جڳهه ملندي آهي. جڏهن انهن ٻنهي هنڌن جو موسم سخت گرم آهي جنهن جي ڪري حاجي ??ڳورن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ??گهي ٿو ان لاءِ انساني جانين جي ??فاظت کي نظر ۾ رکندي ان قدم تي عمل ڪيو وڃي. شيخ السديس وڌيڪ چيو ته جمعي جو ڊگهو ??طب?? ڏيڻ سان ان ڳالهه جو امڪان هوندو آهي ته ماڻهو انهن ڳالهين کي ياد نه رکي سگهن جيڪي ??طب?? ۾ بيان ڪيون وينديون آهن. جڏهن ته ??طب?? مختصر هجڻ جي ??ورت ۾ انهن کي ياد رکڻ آسان هوندو آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ ڊاڪٽر السديس حرمين شريفين جي ??مامن کي هدايت ڪئي هئي ته اهي حج دوران اذان ۽ اقامت جي وچ واري وقفي کي گهٽ رکن ۽ نماز جلد ختم ڪرڻ جو اهتمام ڪن ته جيئن ايندڙ لکين زائرين کي عمري ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جي مشڪل کي منهن ڏيڻو نه پوي.
حج ۾ جمعي جو خطبو ۽ نماز مختصر ڪئي وڃي: شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمان السديس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی