ڪابل -14 مئي (اي پي پي) ٻار?? جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي اداري سيو دي چلڊرين چيو آهي، ته افغانستا?? جي صوبي بغلان ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل ماڻهن ۾ 40 هزار ٻار به شامل آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق افغانستان ۾ سيو دي چلڊري?? جي ڪنٽري ڊا??ريڪٽر ارشد ملڪ چيو آهي ته ??هي ٻارڙا ڊنل آهن، سندن گهر، اسڪول ۽ راندين جا ميدان ٻوڏ جي ور چڙهي ويا آهن جنهن سان سندن ڏهاڙي جا معاملا شديد متاثر ٿيا آهن. افغانستان ۾ ورلڊ فو?? پروگرام جي آفيس ۽ مقامي افغان اختيارن مطابق شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ 330 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن.
مضمون کا ماخذ : ریل رش