واشنگٽن-05 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي سينيٽر برني سينڊرز، بائيڊن انتظاميه طرفان اس??ائيل کي 10.1 بلين ڊالرن جي فوجي امداد فراهم ڪرڻ جي تجويزن جي مخالفت جو اعلان ڪري ڇڏيو. الجزيره مطابق سينيٽر سينيٽ اجلاس دوران پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اس??ائيلي وزيراعظم بنجن نيتن ياهو جي حڪ??مت فلسطينين خلاف جيڪي ڪارروائيون ڪري رهي آهي اها غير اخلاقي ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن، ان لاءِ آمريڪا کي ان ڪاررواين ۾ اس??ائيل جو ساٿ نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته آمريڪا طرفان اس??ائيل کي فضائي دفاع جي جديد ترين نظام آئرن ڊوم ۽ ڊيوڊز سلنگ ڊفينس سسٽم جي فراهمي سان گڏوگڏ ان جي فوجي هٿيارن جي ذخيرن کي ٻيهر گڏ ڪرڻ سان اس??ائيلي وزيراعظم جي حڪ??مت جي موجوده جارحاڻي فوجي ڪاررواين جي حڪ??ت عملي جاري رکڻ ۾ مدد ملندي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados