گڏيل قومون -13 نومبر (اي پي پي) غزه تي اسرائيلي حملن ۾ فوتگين جي تعداد 11 هزا?? کان وڌي وئي ۽ زخمي 27 هزار 490 تائين پهچي چڪا آ??ن. ??رطانوي اخبار مطابق غزه جي پٽي تي 7 آڪٽوب?? کان شروع ڪيل اسرائيلي زميني، سامونڊي ۽ هوائي حملن علائقي ۾ وڏي پيماني تي افراتفري ۽ تباهي پکيڙي آهي. ان حوالي سان گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطا آفيس جي ويب سائيٽ تي جاري رپورٽ مطابق غزه تي تازن اسرائيلي حملن ۾ 41 هزا?? کان وڌيڪ گهر تباهه ۽ 2 لک 22 هزا?? کان وڌيڪ کي نقصان پهتو آهي. هن ٻڌايو ته اسرائيلي حملن دوران غزه ۾ ٿيل فوتگين جو تعداد 11 هزا?? کان وڌي چڪو آهي، جڏهن ته زخمين جو تعداد 27 هزار 490 ٿي چڪو آهي. اسرائيلي حملن ۾ ٿيل فوتگين ۾ 3 هزار 27 عورتون، 4506 ٻار ۽ 678 بزرگ ماڻهو شامل آ??ن. ??پورٽ مطابق 2700 ماڻهن جن ۾ 1500 ٻار شامل آهن هن وقت تائين گم آ??ن. ??پورٽ مطابق مجموعي طور تي غزه جي گهٽ م گهٽ 45 سيڪڙو رهائشي يونٽن کي مبينه طور تي نقصان پهتو يا اهي تباهه ٿي ويا. اهي انگ اکر غزه جي اختيارين طرفان فراهم ڪ??ا ويا آهن.
غزه تي اسرائيلي حملن ۾ 11 هزار فوتگيون، 41 هزار گهر تباهه ٿي چڪا: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن