تهران- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران ۾ حجاب قانونن تي عمل نه ڪرڻ سبب هڪ تمام وڏو واٽر پارڪ ب??د ڪيو ويو. ايراني ??ابرو اداري فارس مطابق ايراني ??ختيارين اتر اوڀر ايران جي شهر مشهد ۾ هڪ تمام وڏو تفريحي پارڪ ب??د ڪري ڇڏيو. ان پارڪ ۾ باحجاب عورتن کي داخلا جي اجازت نه هئي. خابرو اداري مطابق پوليس ا??ران جي ٻئين وڏي شهر جي پسگردائي ۾ پاڻي جي راندين لاءِ مشهور خروشان ڪمپليڪس جا دروازا ب??د ڪري ڇڏيا. ڪمپليڪس جي ڊائريڪٽر محمد بابائي چيو ته ان کي پردي جي حيثيت جو احترام نه ڪرڻ سبب ب??د ڪيو ويو آهي، اسان ايندڙن کي حجاب جي پابندي ڪرڻ جي تنبيهه ڪئي هئي. اهو پارڪ 60 هزار چورس ميٽر جي ايراضي تي ٻڌل آهي ۽ دنيا جو سڀني کان وڏن انڊور واٽر پارڪس مان هڪ طور مشهور آهي. ڪمپليڪس جي ڊائريڪٽر ٻ??اي?? ته ان بندش سبب هڪ هزار ملازمن کي پنهنجي نوڪري کان محرام ٿيڻ جو خدشو آهي.
ايران، حجاب قانونن تي عمل نه ڪرڻ سبب واٽر پارڪ بند ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ