عورتن جي حقن جي بالادستي يقيني بڻائڻ لاءِ وزيراعظم احساس مزدور پروگرام جو آغاز ڪري رهيو آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ


APP51-01 SIALKOT: May 01 - Special Assistant to PM on Information & Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan addressing Women Workers Convention at Kobey Chak. APP photo by Muhammad Munir Butt

سيالڪوٽ – پهرين مئي (اي پي پي) غربت جي چڪي ۾ پيسجندڙ غريب پورهيت عورتن تي ظلم ۽ ستم ۽ انهن جي ٿيندڙ معاشي استحصال کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان اڄ گهريلو سطح تي ۽ انڊسٽري ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت عورتن جي حقن جي بالادستي عملي طور تي يقيني بڻائڻ لاءِ احساس مزدور پروگرام جو آغاز ڪري رهيو آهي جنهن سان مزدور عورتن جا ڪيترائي معاشي مسئلا حل ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اطلاعات واري صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ موضع ڪوبي چڪ ۾ عورتن جي عظيم الشان ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ عورتن جي سوشل سيڪيورٽي ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ هڪ مزدور جي حيثيت سان حاصل ٿيندڙ حق ۽ بنا وياج جي قرض ۽ گهڻو ڪجهه عملي طور تي فراهم ڪرڻ واري آهي.

مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ

متعلقہ مضامین