اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڊيرا اسماعيل خان ۾ درابن ڪلام چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي ??يو آهي ته ڪي پي ڪي پوليس جا بهادر جوان جان ڏئي دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملايو، ڪي پي ڪي پوليس دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن تي آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ 2 پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت ڪندي شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ ??ُع?? به ڪئي. محسن نقوي ??يو ته ڪي پي ڪي جا بهادر جوان جان ڏئي دهشتگردن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملايو، ڪي پي ڪي پوليس جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿ??. هن ??يو ته شهيد قوم جو فخر آهن ۽ سندن عظيم قربانيون وِساري نٿيون سگهجن.
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado