اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر عرب سمنڊ ۾ پاڪ بحريه جي ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 150 سان گڏجي منشيات جي خات??ي جي ڪامياب آپريشن تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ بحريه جي متحرڪ قيا??ت جي ڪري 1.3 ٽن منشيات کي روڪڻ ممڪن ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته منشيات جي ايتري وڏي مقدار جي اسمگلنگ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ ساراهه جوڳي آهي. پوري قوم کي پاڪ بحريه جي جوانن تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته منشيات جو مڪمل خاتمو انسانيت جي ڀلائي لاءِ انتهائي اهم آهي. پاڪستان حڪومت منشيات جي خات??ي جي مشن ۾ پاڪ بحريه کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج