اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چي?? آهي ته بل??چستان پاڪستان جو اهم صوب?? آهي، ماضي ۾ اسان دهشتگردي ختم ڪئي ۽ ملڪ کي معاشي طور تي طاقتور بڻايو، پاڪستان دنيا جي پهرين 20 معيشتن ۾ شمار ٿيڻ جي تياري ڪري رهيو هو، اڃا به دير ناهي ٿي، سڀئي پارٽيون گڏجي ويهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي قائد ايوان سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته هي ملڪ اسان سڀني ج?? آهي، اسان سڀني کي ئي ا?? کي بچائڻو ۽ مضبوط بڻائڻو پوندو، هاڻي ڳالهه ناراضي کان تمام گهڻو اڳتي وڌي چڪي آهي، اسا?? کي گڏجي ويهي مستقبل جي حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته بل??چستان ۾ گذريل ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي هر پاڪستاني جي دل ڏکويل آهي، بل??چستان اسان سڀني جي دل جي تمام ويجه?? آهي، اڄ وفاقي ڪابينا ۾ به ان تي تفصيلي ڳالهه ٿي، جلد وزيراعظم بل??چستان ويندو جڏهن ته گهرو وزير بل??چستان پهچي چڪ?? آهي، بل??چستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تمام گهڻو افسوسناڪ آهي، رياست پاڪستا?? کي تسليم ڪندڙن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته جبلن تي چڙهي بيگناهه ماڻه?? کي ماريندڙن جي شديد مذمت ڪريون ٿا، اسا?? کي هر صورت ۾ دهشتگردي کي ختم ڪري امن آڻڻ?? آهي، ماضي ۾ اي پي ايس کانپوءِ به سياسي پارٽين گڏجي ويهي دهشتگردي جي خاتمي جو پڪوپهه ڪيو هو. هن چيو ته ماضي ۾ آپريشن ضرب عضب، آپريشن ردالفساد ڪاميابي سان ٿيا، اسان انهن آپريشنز جي لاءِ سئو ارب رپيا ساليانو فراهم ڪيا جيڪو صحيح قدم هو. هن چيو ته ٻيهر ماضي جي دور ۾ ڀڄي ويل دهشتگرد?? کي واپس آندو ويو، اهو فيصلو تباهي آڻيندڙ هو جنهن جا نتيجا اڄ اسان جي سامهون آهن. هن چيو ته بل??چستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ٺيڪ نه ٿيو، پوري قوم متحد آهي، دهشتگردن جو مڪمل صفايو ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪي به اهڙن واقعن ۾ ملوث آهن انهن جي خلاف رياست سخت کان سخت ڪارروائي ڪندي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ناراض آهن انهن سان ڳالهه ٿي سگهي ٿي پر جيڪڏهن جبلن ۾ لڪي ماڻهن تي حملا ڪن ته اهڙن ماڻهن سان ڪا ڳالهه نٿي ٿي سگهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته بل??چستان حڪومت وفاق سان مڪمل رابطي ۾ آهي، ڪجهه ماڻه?? کي استعمال ڪر?? هڪ صوبي ۾ افراتفري ڦهلائي پئي وڃي. اسحاق ڊار چيو ته دهشتگردي ۽ معاشي مسئلن تي اسا?? کي سياست نه ڪرڻ گهرجي، اسا?? کي ڳالهين بدران حل طرف وڃڻو پوندو، اچو ان مسئلي تي گڏجي سوچون، دشمن چاهي ٿو ته پاڪستان معاشي قوت نه بڻجي. نائب وزيراعظم اجلاس ۾ تجويز ڏيندي چيو ته سينيٽ ميمبر هڪ ڏينهن مقرر ڪري وٺن، ان ڏينهن رڳو امن امان جي حوالي سان ئي ڳالهه ٿئي.
بلوچستان پاڪستان جو اهم صوبو آهي، ماضي ۾ اسان دهشتگردي ختم ڪئي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا