اسلام آباد– 21 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ مضبوط دوستي جي وراثت کي اين??ڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا جي تسلسل تي اتفاق ڪيو ??هي. سي پيڪ سياسي پارٽين جي گڏيل مشاورتي مڪينزم (جي سي ايم) جي ٽئين اجلاس کانپوءِ نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير اسحا?? ڊار ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (آءِ ڊي سي پي سي) جي عالمي سعبي جي وزير ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر ليو ??يان چائو ميڊيا کي ٻڌايو ??ه اجلاس ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي سياسي اتفاق راءِ جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ??هي. نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير اسحا?? ڊار جنهن چين جي وزير ليو ??يان چائو سان گڏيل طور تي جي سي ايم اجلاس جي صدارت ڪئي، هن چيو ??ه هي پهريون موقعو آهي ته اسلام آباد جي سي ايم اجلاس جي ميزباني ڪئي آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي تازي دوري جي فوري پوءِ ان جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي. هن چيو ??ه اجلاس ۾ پاڪستان جي سمورين وڏين سياسي پارٽين کي گهرايو ويو هو ۽ سينيئر اڳواڻن جي موجودگي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جي لاءِ مضبوط دوستي جي اهميت تي اتفاق راءِ جو مظهر آهي. هن چيو ??ه سياسي پارٽين سياسي پيڪ منصوبن تي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ان جي اپ گريڊيشن جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ??ه اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سياسي پارٽين جي ڪردار جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ??ه آءِ ڊي سي پي سي وڌيڪ بين الپارلياماني ڳالهه ٻولهه جي لاءِ 300 پاڪستاني پارليامينٽرينز کي چين گهرائيندي. اسحا?? ڊار چيو ??ه جي سي ايم پاڪ چين لاڳاپن سان گڏوگڏ سي پيڪ ۾ پڻ نئين روح وڌي آهي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ??ه ٻنهي اڳواڻن ۽ عوام جي تصور موجب ٻطرفي دوستي مضبوط کان مضبوط تر ٿيندي رهندي. چيني وزير ليو ??يان چائو چيو ??ه چين ۽ پاڪستان سي پيڪ جي اهميت ۽ عوام جي لاءِ ان جي فا??دن تي متفق آهن. هن چيو ??ه عالمي چئلينجز جي پس منظر ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ حصيداري انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ??ه سياسي پارٽيون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري تعاون جي لاءِ ڪوششون جاري رکنديون. ماڻهن جي وچ ۾ رابطن تي زور ڏيندي ليو ??يان چائو خاص طور تي جعلي خبرن جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ بهتر تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا رابطن ۾ اضافي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
پاڪستان ۽ چين پاران مضبوط دوستي جي وراثت کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا جي تسلسل تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق