اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي عدليه جي خلاف ڪڌي مهم هلائي وئي جنهن تي نو??يس جاري ڪيا ويا، سوشل ميڊيا تي صحافين ۽ يوٽيوبرز کي هراسان ڪرڻ جي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، ڪنهن کي نو??يس جاري ڪرڻ هراسان ڪرڻ جي زمري ۾ نه ٿو اچي. ”جي ٽي وي“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته قانوين طور تي ايف آءِ اي کي نو??يس جاري ڪرڻ جو اختيار آهي، ايف آءِ اي 32 صحافين، يوٽيوبرز ۽ 22 سياسي ماڻهن کي نو??يس جاري ڪيا آهن ته اهي فلاڻي تاريخ تي پنهنجو موقف ڏيڻ جي لاءِ اچن. هن چيو ته اڃا تائين اهي نو??يس برقرار آهن، واپس ناهن ٿيا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 19 تحت تنقيد کي آئيني تحفظ حاصل آهي پر تنقيد جي نالي ت?? ڪنهن جي تذليل يا توهين ڪرڻ آئين جي ان آرٽيڪل جي دائري ۾ نٿو اچي. هن چيو ته ڪو به شخص قانون کان مٿانهون نه آهي، جيڪڏهن ڪنهن قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي ته ان کي قانون کي منهن ڏيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته اخبارن ۾ ڪنهن خبر جي تصديق جي لاءِ ??يٽ ڪيپر جو نظام موجود هوندو آهي، ان نظام تحت اها تصديق ڪئي وڃي ٿي ته فلاڻي معلومات صحيح آهي يا نه پر سوشل ميڊيا تي ڪجهه يوٽيوبرز هڪ نئين سياسي معيشت تخليق ڪري ڇڏي آهي ته جيڪو جيترو وڏو ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه ڪندو، ان جا ويوز ايترا وڌيڪ ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته قانون جي خلاف ورزي تي پي ٽي ا?? ڪنهن به ويب سائيٽ کي بند ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪا خاص ويب سائيٽ بند ٿي آهي ۽ جيڪڏهن قانون جي خلاف ورزي ناهي ڪئي ته ان جي شڪايت پي ٽي اي کي ڪري سگهجي ٿي.
سوشل ميڊيا تي عدليه جي خلاف ڪڌي مهم هلائي وئي جنهن تي نوٽيس جاري ڪيا ويا: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa