بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي صدر شي جن پنگ سي پيڪ جي تيز تر تعمير جي اهميت تي زور ڏيندي ان کي ترقي، روزگار، جدت ۽ گرين ڊيولپمينٽ جو لنگهه بڻائڻ جي لاءِ اهم قرار ڏنو جڏهن ته مختلف سطح?? تي اسٽريٽجڪ رابطن ۽ عالمي ??ورم?? تي تعاون جاري رکڻ سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي گريٽ هال آف پيپلز ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي ??عامل?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سمورن معامل?? تي اتفاق راءِ ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي تيز تر تعمير جي اهميت تي زور ڏيندي ان کي ترقي، روزگار، جدت ۽ گرين ڊيولپمينٽ جو لنگهه بڻائڻ جي لاءِ اهم قرار ڏنو. هنن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته پاڪستان جي پائيدار ۽ مجموعي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ان سان واڳيل آهي. هنن اتفاق ڪيو ته ٻئي ملڪ مختلف سطح?? تي اسٽريٽجڪ رابطن ۽ عالمي ??ورم?? تي تعاون جاري رکندا. ن??را?? وزيراعظم چيني صدر کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي مستقبل جي حڪمت عملي بابت پيش ڪيل 8 نقطن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاو?? تي ٻڌل حصيداري ۽ عالمي سطح تي اڀرندڙ صورتحال جي ڏس ۾ ان جي اسٽريٽجڪ اهميت کي اجاگر ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ۽ چين اعتماد جوڳا حصيدار ۽ بهترين دوست آهن. چين جي اهم معامل?? تي پاڪستان جي غيرمشروط ساٿ جو ورجاءُ ڪندي ن??را?? وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو سبب آهن. صدر شي جن پنگ چيو ته پاڪستان چين جو مضبوط ڀاءُ ۽ اعتماد جوڳو دوست ۽ امن ۽ ترقي ۾ حصيدار آهي. هن چيو ته چين پاڪستان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ چين پاڪستان جي پنهنجي سالميت، سرحدن جي تحفظ ۽ ترقي حاصل ڪرڻ ۾ معاونت ڪندو رهندو. ٻنهي اڳواڻن بهتر علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترق?? جي لاءِ گڏيل تعاو?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئ?? جيڪو ٻنهي ملڪن جو گڏيل ويزن آهي. ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان چين سان علائقائي رابطن ۽ پاڪستان جي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترق?? جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندو رهندو. صدر شي جن پنگ پاڪستان جي جا??را??يائي بيهڪ جي لحاظ کان موجود اقتصادي صلاحيت ۽ ان کي اڀرندڙ علائقائي واپار جو مرڪز بڻائڻ ۾ تعاون جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي صدر شي جن پنگ پاران سي پيڪ جي تيز تر تعمير، ترقي، روزگار، جدت ۽ گرين ڊيولپمينٽ جو لنگهه بڻائڻ جي لاءِ اهم قرار
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2