اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ٽي وي چينلز تي اهم قومي مسئلن تي عوامي بحث جي شروعات ٿيڻ گهرجي، اليڪش?? جي تاريخ جي اعلان سان نگران حڪومت جي خلاف پروپئگنڊه جو خاتمو ٿيندو، ملڪ ۾ بهتر ماحول جي فروغ جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، موجوده ڪابينا ۾ سمورا وزير پنهنجي شعبن ۾ ماهر آهن، نگران حڪومت کي عالمي برادري سان معاملا طئي ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه آهي، ڪوشش آهي ته ملڪ جنهن حالت ۾ مليو ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪري وڃون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي جي پروگرام ”رياست“ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته زندگي جا سمورا تجربا ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ مددگار هوندا آهن، صحافت جي شعبي سان واڳيل رهڻ سان بطور اطلاعات واري نگران وزير ذميواري?? جي ادائيگي ۾ آساني ٿي، مستقبل جي حوالي سان مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ فيصلو ڪندس. هن چيو ته ملڪي مسئل?? جي حل لاءِ ٽي وي چينلز تي کليل بحث ٿيڻ گهرجي. قومي براڊ ڪاسٽنگ ميڊيا کي پبلڪ سروس پروائيڊر هجڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ مين اسٽريم ميڊيا ۾ انگريزي جو هڪ ئي ٽي وي چينل آهي جيڪو پي ٽي وي جو آهي، اسان کي ا?? جي معيار ۽ پروگرام?? جي ڪوالٽي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پي ٽي وي کي معيشت، پرڏيهي پاليسي، براڊ ڪاسٽنگ سميت اهم مسئلن تي عوامي بحث جي شروعات ڪرڻ گهرجي. ان ڳالهه تي بحث ٿيڻ گهرجي ته هي ملڪ ڪيئن اڳتي وڌندو. نگران وفاقي وزير چيو ته ويزن ڏيڻ ??يا??ي قيادت جو ڪم آهي، ان تي ضرور بحث ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جو مينڊيٽ نه آهي ته وڏن مسئلن تي پنهنجو ويزن ڏيون، اسان ??حد??د اختيار سان ??حد??د مدي جي حڪومت آهيون. اسان جو حلف آهي ته اسان سمورين ??يا??ي قوتن کي برابر موقعا ڏيون، ڪنهن سان امتيازي سلوڪ نه ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڄ تمام گهڻي خوشي جو ڏينهن آهي ته اليڪشن جو اعلان ٿي ويو آهي، اليڪشن منعقد ڪرڻ جي لاءِ ڪم تيزي سان جاري آهي، اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ڇڏيو آيه ته جنوري جي آخري هفتي ۾ اليڪشن ٿيندي. هن چيو ته اڄ اليڪشن ڪميش?? جي اعلان کانپوءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به تيزي آئي، اها ڳالهه يقيني آهي ته ملڪ ۾ ??يا??ي استحڪام ايندو ته معاشي استحڪام به ٿيندو. هن چيو ته پاڪستا?? جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. اسان پنهنجون تجويزون اڳئين حڪومت ڏئي وينداسين. هن چيو ته اسا?? جي ڪوشش آهي ته سمورين ??يا??ي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا وڃن، اسان سمورين ??يا??ي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪريون ته جيئن ملڪ ۾ چونڊ?? جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿي سگهي. هن چيو ته رياستي ميديا کي ماڻهن ۾ اعتما?? پيدا ڪرڻ گهرجي ته جيئن صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ميڊيا تي پابنديون نه هجڻ گهرجن پر خبر تي ادارتي ڪنٽرول ضرور هجڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ۾ افراتفري جو ماحول پيدا نه ٿئي. هڪ سوال تي هن چيو ته چونڊون ويجهو آهن، هر هڪ کي ??يا??ت ڪرڻي آهي، جيڪڏهن ڪنهن ??يا??ي پارٽي سان زيادتي ٿئي ٿي ته شڪايت ڪرڻ تي ڪا پابندي نه آهي، عوام جي عدالت به کليل آهي، ميڊيا ۽ قانون جون عدالتون به کليل آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته گذريل حڪومت جي فيصلن تي عملدرآمد ڪرڻ اسا?? جي لاءِ لازمي آهي، اسان ??يا??ي حڪومت نه آهيون، هڪ آئيني حڪومت آهي، اسان جو ??حد??د مينڊيٽ آهي، آئي?? جي آرٽيڪل 224 تحت اسان جو و??ود آهي، نگران حڪومت کي عالمي برادري سان معاملا طئي ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڏکيائي نه آهي. هن چيو ته موجوده ڪابينا ۾ سمورا وزير پنهنجي شعبن ۾ ماهر آهن، اسان وٽ رياست جا ادارا به مو??ود آهن ۽ اهل ڪابينا به. اسا?? جي ڪوشش هوندي ته ملڪ جنهن حالت ۾ اسان کي مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ ڏئي وڃون. هن چيو ته جيستائين ملڪ جي معيشت جا بنياد صحيح نه ٿيندا ملڪ ۾ خوشحالي نه ٿي اچي سگهي.
ٽي وي چينلز تي اهم قومي مسئلن تي عوامي بحث جي شروعات ٿيڻ گهرجي، اليڪشن جي تاريخ جي اعلان سان نگران حڪومت جي خلاف پروپئگنڊه جو خاتمو ٿيندو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی